جيلاني سيد محمد صالح اصغر

جيلاني، سيد محمد صالح اصغر: مخدوم سيد صالح محمد شاهه سيد مبارڪ شاهه ثانيءَ جو فرزند هو. هن بزرگ جي ولادت 1244هه / 1828ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ ٿي. 1272هه /1855ع ۾ درگاهه جو سجاده نشين ٿيو، پنهنجي خاندان جي روايت ۽ پيشي جي لحاظ کان درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. علم، عقل ۽ دانش جو مالڪ، سخاوت جو ڌڻي، وعظ جو ماهر ۽ بهترين مدرس هو. سندس دور ۾ (1276هه /1859ع) گهوٽڪيءَ جي جامع مسجد جي مرمت علي بخش مختيارڪار جي ڪوششن سان ٿي. هن بزرگ آچر جي ڏينهن، 11 جمادي الاول 1277هه/ 1860ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو